ٽيجارام سنت

ٽيجارام، سنت: سنت ٽيجارام جو جنم 24 اپريل 1895ع ۾ پير ڳوٺ ڀرسان صدرجيءَ ۾ ڌرمداس برجواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ننڍپڻ کان ئي من جو چاهه ڌڻيءَ سڳوري ڏي هو. فائينل سنڌي پاس ڪري رجسٽرار جي نوڪري ڪيائين. گهر ٻار وارو هوندي سنتن جي سنگ ۾ آيو. پيرڳوٺ ۾ سوامي پورڻا نند کي گرو مڃيائين. هو پاڻ کي ڀاڳوند سمجهندو هو، جو کيس سوامي هر پرڪاش، سائين مرچو رام، سوامي ليلا شاه، ڊاڪٽر روچلداس ۽ گوپالداس ”طالب“ جي صحبت نصيب ٿي. درويشن ۽ سنتن جي صحبت ۽ سنگت ۾ گذاربندي روحاني رنگ ۾ رچي ويو. ڀائي گنبارام جي سنگ ۾ راڳ ويراڳ سان واسطو پيس. روهڙيءَ ۾ سرڪاري نوڪريءَ دوران ڏينهن جو آفيس گذاريندو هو، باقي رات بيدل سائينءَ جي درگاهه تي صوفين جي صحبت ۾ گذاريندو هو. بيدل جي درگاهه تي 11 مهينا رهي فيض حاصل ڪيائين. 1944ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ بعد رات ڏينهن ڌڻيءَ جي بندگي ۽ درويشن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. ورهاڱي کان پوءِ الهاس نگر وڃي رهيو، جتي گهڻن صوفي ۽ ويدانتي شاعرن جو ڪلام ياد هو. رهڻي ڪهڻي سادي، سڀاءَ جو به سادو ۽ ڪڏهن به ڄاڻ جو ماڻ نه ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.04.24  عيسوي

سنت ٽيجارام جو جنم 24 اپريل 1895ع ۾ پير ڳوٺ ۾ ڌرمداس برجواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ذاڪر حسين طبله نواز
قربان علي سڪندري ڪلهوڙو
امرلعل هنڱوراڻي
ظهير ڪاشميري
چنا منير احمد
شمس الدين شيرازي بکري
ٿڌاڻي ڏيئومل گاگن مل
راءِ نوگھڻ
چانڊيو سريمڻ
سرائي علي گوهر خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون